Ezekiel 47:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن مون کي ٻڌايو تہ ”هي پاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جي اوڀر واري علائقي ڏانهن وهندي هيٺ اردن جي ماٿريءَ ۾ لهي وڃي ٿو، جتان اهو کاري سمنڊ ۾ وڃي پوي ٿو. جڏهن اهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڇڏي ٿو.