Ezekiel 48:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪي باقي بچندو سو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو، جهڙو وقف واري پاڪ حصي ۽ شهر واري ملڪيت جي هڪڙي پاسي، تهڙو ٻئي پاسي، اُڀرندي سرحد وٽ وقف وارن پنجويهن هزارن جي اڳ کان، ۽ اُلهندي سرحد وٽ پنجويهن هزارن جي اڳ کان، انهن حصن جي سامهون، اهو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو: ۽ اُهو وقف وارو پاڪ حصو، ۽ گهر جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اها ايراضي جنهن ۾ هيڪل، ڪاهنن جو حصو، لاوين جو حصو ۽ شهر شامل هوندو، تنهن جي اولهہ ۽ اوڀر پاسي واري زمين حڪمران جي هوندي. اها زمين جيڪا وچ واري ايراضيءَ جي ٻنهي پاسن تي هوندي، سا بہ اتر کان ڏکڻ طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ويڪري هوندي، ۽ اولهہ توڙي اوڀر پاسي ڏانهن ملڪ جي ٻنهي پاسي سرحدن تائين وڃي لڳندي. ٻنهي پاسن کان حڪمران واري زمين ۽ وچ واري ايراضيءَ جي گڏيل حصي جي اتر پاسي تي يهوداہ قبيلي جو حصو ۽ ڏکڻ پاسي تي بنيامين قبيلي جو حصو هوندو.“