Ezekiel 48:30 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهي آهن شهر جي ٻاهر نڪرڻ جون جايون: اُتر پاسي ماپ سان چار هزار پنج سؤ ڪانا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شهر جي چوڌاري جيڪا ڀت هوندي تنهن جي هر پاسي واري ڀت جي ماپ سوا ٻہ ڪلوميٽر هوندي ۽ هر هڪ ڀت ۾ ٽي ٽي دروازا هوندا. اهڙيءَ طرح شهر کي ڪل ٻارهن دروازا هوندا. انهن سڀني دروازن کي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جا نالا ڏنل هوندا. اتر پاسي واري ڀت ۾ روبن، يهوداہ ۽ لاويءَ جي نالن جا دروازا هوندا. اوڀر پاسي واري ڀت ۾ يوسف ، بنيامين ۽ دان جي نالن جا دروازا هوندا. ڏکڻ پاسي واري ڀت ۾ شمعون، اِسڪار ۽ زبولون جي نالن جا دروازا هوندا. اولهہ طرف واري ڀت ۾ جد، آشر ۽ نفتاليءَ جي نالن جا دروازا هوندا.