Ezekiel 48:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يهوداہ جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين اُهو وقف وارو حصو ٿيندو، جو اوهان کي پيش ڪرڻو ٿيندو، يعني پنجويهہ هزار ڪانا ويڪر ۾، ۽ ڊيگهہ ۾ هڪڙي حصي جيترو، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين. ۽ پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند فرمايو تہ ”ملڪ جو وچ وارو حصو جيڪو يهوداہ واري علائقي جي ڏکڻ طرف هوندو، تنهن کي اوهين وقف ڪري ڇڏجو. انهيءَ جي ويڪر اتر کان ڏکڻ تائين ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر هوندي ۽ ڊيگھہ ملڪ جي اوڀر کان اولهہ تائين ايتري ماپ جي هوندي جيتري قبيلن کي ورهايل حصي جي هوندي. هيڪل انهيءَ حصي جي وچ ۾ هوندي.