Ezekiel 6:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ چئُہ تہ اي اسرائيل جا جبل، خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو: خداوند خدا جبلن کي ۽ ٽڪرن کي، نهرن کي ۽ وادين کي هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، اوهان تي ترار نازل ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ مٿانهان مڪان ناس ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
’اي جبل ۽ ٽڪريون! اي برساتي نهرون ۽ ماٿريون! اوهين ٻڌو. آءٌ خداوند اوهان جي خلاف ٿيڻ وارو آهيان، آءٌ اوهان جي انهن سڀني جاين کي جنگ دوران ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، جتي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي.