Ezekiel 8:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خدا مون کان پڇيو تہ ”اي حزقي‌ايل! اي آدمزاد! ڏس تہ بني اسرائيل جا اڳواڻ ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڇا ٿا ڪن! اهي سڀ پنهنجي پنهنجي مورتين جي مخصوص جاين اڳيان انهن جي پوڄا ٿا ڪن. اهي بهانو بڻائي چون ٿا تہ ’ خداوند اسان کي نہ ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهي.‘“