Ezekiel 9:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.