Ezra 10:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ عيلام جي پٽن مان هڪڙي، سڪنياہ بن يحئيل، ورندي ڏيئي عزرا کي چيو تہ، اسان پنهنجي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، ۽ ملڪ جي غير قومن مان ڌاريون زالون پرڻيا آهيون: تڏهن بہ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ اڃا اسرائيل جي لاءِ اُميد آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيلام جي اولاد مان سڪنياہ ولد يحي‌ايل عزرا کي چيو تہ ”اسان غير قومن جي عورتن سان پرڻجي خدا جو گناهہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ بني اسرائيل وارن کي اڃا تائين اميد آهي.