Ezra 4:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ جيئن اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪري سگھو. انهن تواريخي ڪاغذات ۾ اوهين ڏسندا تہ اهو شهر هڪ باغي شهر آهي. اهو صوبن جي گورنرن ۽ بادشاهن لاءِ تڪليفن جو باعث رهيو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي فساد جو ڳڙهہ پڻ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي شهر برباد ڪيو ويو هو.