Ezra 4:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هو زربابل، ۽ اباڻي گهراڻن جي رئيسن وٽ آيا، ۽ انهن کي چيائون تہ اسان کي بہ پاڻ سان جوڙڻ ۾ همراهہ ٿيڻ ڏيو: ڇالاءِ جو اسين بہ اوهان جو خدا ٿا ڳوليون، جيئن اوهين ٿا ڳوليو، ۽ اسور جو بادشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آندو، تنهن جي ڏينهن کان وٺي اسين بہ قربانيون ڪندا آيا آهيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هو زربابل ۽ گھراڻن جي وڏن وٽ آيا ۽ کين چيائون تہ ”اسان کي بہ پاڻ سان گڏ تعمير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ ان ساڳئي خدا جي عبادت ڪندا آهيون جنهن جي اوهين ڪندا آهيو. اسين اشور جي شهنشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آباد ڪيو هو تنهن جي وقت کان وٺي ان خدا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا آهيون.“