Ezra 6:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خورس بادشاهہ جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو؛ يروشلم ۾ جيڪو خدا جو گهر آهي تنهن جي نسبت ۾ حڪم، تہ اهو گهر، ۽ اها جاءِ جتي قربانيون چاڙهڻ ۾ ٿيون اچن، سو ڀلي تہ جُڙي، ۽ انهيءَ جو بنياد پڪيءَ طرح وڌو وڃي؛ انهيءَ جي اوچائي سٺ هٿ، ۽ انهيءَ جي ويڪر سٺ هٿ؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”خورس شهنشاهہ جي شاهيءَ جي پهرئين سال يروشلم ۾ خدا جي گھر متعلق هن هڪڙو حڪم جاري ڪيو تہ ’اهو گھر يعني اها جاءِ جتي قربانيون پيش ڪجن ٿيون، سا ڀلي تہ وري تعمير ڪئي وڃي ۽ ڀلي تہ انهيءَ جو بنياد وڌو وڃي. ان جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر بہ ستاويهہ ميٽر هجي.