Ezra 7:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي عزرا! پنهنجي خدا جي حڪمت موجب جيڪا تو کي مليل آهي، تون منتظمَ ۽ ججَ مقرر ڪر. اهي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي انهن ماڻهن جو انصاف ڪن جيڪي تنهنجي خدا جي شريعت کي مڃين ٿا. پر جنهن کي شريعت جي ڄاڻ نہ هجي تنهن کي اوهين سيکاريو.