Ezra 8:35 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪي قيدي، شهر نيڪاليءَ کان موٽي آيا هئا، تن اسرائيل جي خدا لاءِ هي سوختني قربانيون چاڙهيون، ٻارنهن ڍڳا سڄي اسرائيل لاءِ، ڇهانوي گهٽا، ستهتر گهيٽا، ۽ ٻارنهن ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽيا هئا تن بني اسرائيل جي خدا لاءِ هي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون: ٻارهن ڍڳا سڄي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن مطابق، ڇهانوي گھٽا، ستهتر گھيٽا. اهي سڀ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هئا. انهيءَ کان علاوہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر بہ هئا.