Ezra 9:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.