Ezra 9:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هنن انهن جون ڌيئرون پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ ورتيون آهن؛ جنهن ڪري پاڪ نسل وارا، ملڪن جي ٻين قومن سان گڏجي پيا آهن: هائو، انهيءَ گناهہ ۾ اميرن ۽ حاڪمن جو هٿ زيادہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“