Ezra 9:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي ٿوري وقت کان تو خداوند اسان جي خدا اسان تي مهرباني ڪئي آهي جو اسان مان باقي بچيلن کي جلاوطنيءَ مان ڇڏايو اٿيئي تہ جيئن اسين تنهنجي هن پاڪ هنڌ تي سلامتيءَ سان رهون. تو اسان کي نئين زندگي ڏني آهي ۽ غلاميءَ جي باوجود اسان کي ٿورو آرام بخشيو اٿيئي.