Galatians 1:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو اوھين ٻڌي چڪا آھيو تہ جڏھن آءٌ يھودي مذھب ۾ ھوس تہ منھنجي ڪھڙي ھلت چلت ھئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ھوس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي ڌرم جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ ايشور جي منڊليءَ کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي مذهب جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.