Galatians 1:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ يھودي مذھب ۾ رھندي ان وقت پنھنجي قوم جي گھڻن ھڪ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري رھيو ھوس. آءٌ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن تي نھايت ئي سرگرميءَ سان ھلندو ھوس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ يهودي مذهب جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي مذهبي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.