Galatians 2:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِجو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.