Galatians 2:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اسين جي چاهيون ٿا تہ مسيح ۾ راستباز ٺهرايا وڃون، سي جيڪڏهن پاڻ بہ گنهگار ٿي پونداسين، تہ پوءِ مسيح گناهہ جو باعث ٿيو ڇا؟ هرگز نہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر موسيٰ جي نيم جي نسبت ۾ پاپي ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح پاپ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر شريعت جي نسبت ۾ گنهگار ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح گناهہ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.