Galatians 2:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.