Galatians 2:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو سوال رڳو انھن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري اٿيو، جيڪي لڪي ڇپي اسان ۾ داخل ٿيا ھئا. اھي انھيءَ ڪري چوريءَ گھڙي آيا ھئا تہ جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ملي آھي، تنھن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بڻائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ختني جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي يسوع مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.