Galatians 2:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪي ماڻهو معزز ليکبا هئا (پوءِ اُهي ڪهڙا بہ هئا، تن سان منهنجو واسطو ڪونهي: خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي طرفداري نٿو ڪري.) انهن معززن مان مون کي ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِجو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
باقي منڊليءَ ۾ جيڪي مانوارا ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
باقي ڪليسيا ۾ جيڪي معتبر ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي.