Galatians 3:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نہ ٿو رھي، جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“