Galatians 3:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني زندگيءَ جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل معاهدي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.