Galatians 3:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.