Galatians 3:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ نيم جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ نيم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو تہ جيئن ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. نيم جو مدو ابرهام جي انهيءَ پيڙهيءَ جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ ايشور وچن ڪيو هو. اهو نيم دوتن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ شريعت انهيءَ لاءِ ڏني ويئي تہ جيئن خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. شريعت جو مدو ابراهيم جي انهيءَ نسل جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ خدا واعدو ڪيو هو. اها شريعت ملائڪن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي.