Galatians 3:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر پاڪ ڪلام ظاهر ڪري ٿو تہ سڄي دنيا گناهہ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو خدا جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.