Galatians 3:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري شريعت اسان کي مسيح تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو اُستاد ٿي آهي، انهي لاءِ تہ ايمان جي ڪري اسين راستباز ٺهرايا وڃون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو سنڀاليندڙ ٿيندو آهي، تيئن نيم مسيح جي اچڻ تائين اسان جو سنڀاليندڙ ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو نگهبان ٿيندو آهي، تيئن شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگهبان ٿي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون.