Galatians 3:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري ايشور اوهان کي پوِتر آتما بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ چمتڪار ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي وشواس آندو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري خدا اوهان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي ايمان آندو آهي.