Galatians 3:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“