Galatians 4:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ ناريون ڄڻ تہ ٻہ ٻڌل وچن آهن. انهن مان هڪڙي ناري هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري ٻڌل وچن مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن. انهن مان هڪڙي عورت هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري عهد مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.