Galatians 4:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”اي سنڍ زال، تون جا ٻار نٿي ڄڻين، سا خوشيون ڪر؛ تون، جنهن کي ويم جي سورن جي خبر ڪانهي، سا وڏي آواز سان رڙيون ڪر؛ ڇالاءِ جو مڙس واريءَ زال کان نڌڻڪيءَ زال جا ٻار گهڻا آهن.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇالاءِجو نڌڻڪيءَ زال جا ٻار مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي سنڍ ناري! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇاڪاڻ تہ ڇڏي ڏنل پتنيءَ جا ٻار پتيءَ واري پتنيءَ جي ٻارن کان گھڻا آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي سنڍ عورت! تون جيڪا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنهن کي ڪڏهن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آهن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇاڪاڻ تہ ڇڏي ڏنل زال جا ٻار مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آهن.“