Galatians 4:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اوهين ايشور جا ٻار آهيو، تنهنڪري ايشور پنهنجي پٽ جي آتما اوهان جي دلين ۾ بہ موڪلي آهي. اها پوِتر آتما ”پتا، اي پتا!“ چئي پڪاري ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اوهين خدا جا ٻار آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اوهان جي دلين ۾ بہ موڪليو آهي. اهو پاڪ روح ”بابا، اي بابا!“ چئي پڪاري ٿو.