Galatians 4:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هاڻي جڏهن اوهين ايشور کي ڄاڻو ٿا، بلڪ ايشور اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هاڻي جڏهن اوهين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟