Galatians 5:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان جي خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري مون کي اوھان بابت يقين آھي تہ اوھين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا. پر جيڪو ماڻھو اوھان کي پريشان ٿو ڪري سو ڪير بہ ھوندو تہ سزا پائيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.