Galatians 5:21 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بغض، نشي⁠بازي، عيش⁠پرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪينو، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بغض، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.