Galatians 5:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون سڀ ڪنهن ختني ٿيل ماڻهوءَ تي وري بہ شاهدي ٿو ڏيان، تہ اُهو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻَڌل آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ ھر ھڪ طھر ڪرائيندڙ شخص کي ٻيھر چتاءُ ٿو ڏيان تہ اھو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ ختنو ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي نيم تي عمل ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري.