Galatians 5:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.