Galatians 6:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم رويي سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم مزاجيءَ سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.