Galatians 6:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي ماڻھو ظاھري ڏيک پسند ڪن ٿا، سي اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھو رڳو انھيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب جي خاطر ستايا نہ وڃن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي ماڻهو مان جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي سوليءَ واري سکيا جي ڪري ستايا نہ وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي ماڻهو عزت جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب واري تعليم جي ڪري ستايا نہ وڃن.