Genesis 12:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.