Genesis 19:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻاهر پهچڻ کان پوءِ ملائڪن مان هڪڙي چيس تہ ”پنهنجي جان بچائي ڀڄ، پٺتي اصل نہ نهارجانءِ ۽ نہ ئي وري هن ميدان ۾ ترسجانءِ. هنن جبلن ڏانهن ڀڄي وڃ تہ جيئن مرڻ کان بچي وڃين.“