Genesis 2:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خداوند خدا ميدان جا سڀئي جانور ۽ هوا جا سڀ پکي، مٽيءَ مان جوڙيا ۽ کين آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا ڪهڙا نالا ٿو رکي. ۽ آدم جنهن جانور کي جيڪي سڏيو، سو ئي هن جو نالو ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو خداوند خدا زمين مان مٽي کڻي سڀ جانور ۽ پکي ٺاهيا. پوءِ انهن کي آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا نالا ڪهڙا ٿو رکي ۽ آدم جنهن کي جنهن نالي سان سڏيو سو ئي ان جو نالو ٿيو.