Genesis 24:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
شل ائين ٿئي، تہ جنهن ڇوڪريءَ کي آءٌ چوان تہ مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيان؛ ۽ هوءَ چوي تہ ڀلي پيءُ، ۽ آءٌ تنهنجن اُٺن کي بہ پاڻي پيارينديس؛ اُها ئي ڇوڪري تنهنجي طرفان تنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ مقرر ڪيل هجي؛ ۽ انهيءَ مان مون کي خبر پوندي تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شل ائين ٿئي جو جڏهن آءٌ انهن مان هڪڙيءَ کي چوان تہ ’مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيئان،‘ تڏهن اها چوي تہ ’ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو پنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ چونڊيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ سمجھندس تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.“