Genesis 24:40 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هن مون کي چيو تہ جنهن خداوند جي حضور ۾ آءٌ هلان ٿو، سو پنهنجي فرشتي کي تو سان موڪليندو، ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو؛ ۽ تون منهنجن عزيزن مان ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجي پٽ جي لاءِ زال آڻج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن جواب ڏنو تہ ’جنهن خداوند جي حڪم تي آءٌ هلان ٿو سو پنهنجي ملائڪ کي تو وٽ موڪليندو ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو. تون منهنجي مائٽن ۽ منهنجي پيءُ جي ڪٽنب مان منهنجي پٽ جي زال آڻ.