Genesis 25:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“