Genesis 32:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پهرين ٽوليءَ واري کي تاڪيد ڪري چيائين تہ جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو توکي گڏجي، ۽ توکان پڇي تہ تون ڪنهن جو آهين، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين، ۽ هي جي تنهنجي اڳيان پيا هلن، سي ڪنهن جا آهن؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن سڀ کان اڳئين ڌڻ واري نوڪر کي سمجھايو تہ ”جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو تو سان گڏجي ۽ تو کان پڇي تہ ’تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ڪيڏانهن ٿو وڃين ۽ تنهنجي اڳيان هي ڪنهن جو مال آهي؟‘