Genesis 38:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن هن کي وٺي آيا، تڏهن هن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليو، تہ جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن، تنهن مان آءٌ حاملہ ٿي آهيان: ۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جون آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن کيس ٻاهر آندو ٿي ويو تڏهن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن تنهن مان آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان.“ وڌيڪ چيائين تہ ”مهرباني ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جي آهي.“