Genesis 39:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن وقت کان وٺي هن کيس پنهنجي گھر جي مٿان ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن سڀ مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي خداوند يوسف جي ڪري ان مصريءَ جي گھر ۾ برڪت وڌي. جيڪي ڪجھہ وٽس گھر ۾ توڙي ٻنيءَ ۾ هو تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.